پٿر چٽ

پٿر چٽ: هيءُ هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. هن کي عربي ۾ ڪاسر الحجر، اردو ۾ پٿر ڦوڙي، بنگالي ۾ پٿر چور، هندي ۾ چور- ڪنڊا/ ڪنڊي چيو ويندو آهي. هن جي ڊيگهه هڪ فوٽ ٿيندي آهي. هن جي پاڙ کان آڱر جيڏيون ٿلهيون ۽ ڊگهيون ٽاريون، نرم پشم جهڙن گونچن سان ڦٽن ٿيون، جن ۾ سنها ٻج هوندا آهن. ٻج سخت ۽ سياهه پردي ۾ ٿين ٿا. جيڪي کٻڙ جي پنن جيان موڙڻ سان ٽٽي پون ٿا. گرميءَ ۾ ڪومائجي وڃن ٿا، گل هيڊا، پن نيرا ۽ ٻج ڪارا ٿين ٿا. يوناني طب جي ڪتابن ۾ هن جو ذڪر آهي، جڏهن ته آيورويدڪ وارا هن جي وجود کان انڪار ڪن ٿا. حڪيمن جو چوڻ آهي ته طبي لحاظ کان پيشاب جاري ڪرڻ ۽ پٿري نيڪال ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي. ان ڪري هن تي ”پٿر چَٽُ يا ڦوڙي“ نالو پيو آهي. هن جو ٿڙ ٽيهه کان نوي سينٽي ميٽر ٿئي ٿو ۽ پن اڍائي کان پنج سينٽي ميٽر ٿيندا آهن. هن ٻوٽي مان خوشبودار مادو نڪري ٿو، جيڪو شراب ۾ استعمال ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو